چارلس بريڊلي پرچرڊ (Charles Bradley Pritchard)

چارلس بريڊلي پرچرڊ (Charles Bradley Pritchard): سر چارلس بريڊلي پرچرڊ انگريز دور ۾ سنڌ جو يارهون ڪمشنر هو. 1888ع جي ابتدا ۾ بمبئيءَ کان ڪراچيءَ آيو ۽ سنڌ جي ڪمشنريءَ جي چارج وٺي ڪم شروع ڪيائين. پهريائين ڊاڪٽر پالن، پوءِ مسٽر ميولس ۽ ان کان پوءِ ايجرلي ترتيبوار سندس اسسٽنٽ رهيا. دستوري ڪاروبار سهڻي نموني سان سرانجام ڏنائين. 1888ع ۾ ئي هن جي ايام ڪاريءَ ۾ هندستان جو گورنر جنرل لارڊ ڊفرن سنڌ ۾ آيو. ڪجهه ڏينهن ڪراچيءَ ۾ ترسي، درٻار ۽ خاص ملاقاتون وغيره ڪري، سنڌ مدرسة الاسلام ۽ ڏيارام گدو مل ڪاليج جو سنگ بنياد رکي بمبئيءَ موٽي ويو. 1888ع ۾ سردار محمد ايوب خان، امير شير علي خان جو ٻيو نمبر فرزند، 200 ماڻهن سان، جن ۾ سردار، سندس واسطيدار جن ۾ عورتون ۽ مرد شامل هئا، ايران کان گھوڙن سميت ڪراچيءَ آيو. ساڻس گڏ آيل عملي جا ماڻهو ڏاڍا تيز ۽ سرڪش هئا. انهن مهمانن جو ڪراچيءَ کان وٺي ريتي ريلوي اسٽيشن تائين بندوبست ڪيو ويو. خراسان، هندستان ۽ سنڌ جي رسم رواج مطابق اعليٰ درجي جا طعام مشروبات ۽ ميوا شامل ڪيا ويا. سمورا مهمان ريل گاڏيءَ جي فرسٽ ڪلاس ڪمپارٽمنٽ ۾ سوار هئا. انهن سردارن جي مرضيءَ تي اعليٰ قسم جا طعام گاڏيءَ ۾ پهچايا پئي ويا، پر ڪوٽڙي، سکر ۽ ريتيءَ ۾ سندن وڏي خاطر تواضع ڪئي وئي.
چارلس بريڊلي پرچرڊ 1889ع تائين سنڌ جو ڪمشنر رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو